ضياءُ الدين احمد

ضياءُ الدين احمد

ضياء الدين احمد

ضياءُ الدين احمد: مشهور حسابدان، پارليامينٽرين، علم منطق جي ڄاڻو، فلسفي، سياستدان ضياءُ الدين احمد زبيري 13 فيبروري 1887ع ميرٽ اتر پرديش هندوستان ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم مدرسي مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ محمد اينگلو- اورينٽل ڪاليج علي ڳڙهه مان تعليم حاصل ڪيائين. هن هاءِ اسڪول جي تعليم پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيائين ته کيس سونو ٻلو ڏيڻ سان گڏ اڳتي پڙهڻ لاءِ کيس اسڪالر شپ به ڏني وئي. جنهن ڪري سائنس جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گورنمنٽ ڪاليج علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو. علي ڳڙهه مان بي. اي جو امتحان پهرئين نمبر سان پاس ڪيائين ته سوني ٻلي ڏيڻ کان سواءِ کيس محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج ۾ ميٿميٽڪ جو اسسٽنٽ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو، سندس لياقتن کي ڏسندي کيس ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي پر پاڻ سر سيد جي حڪم تي علي ڳڙهه ۾ 60 روپيا ماهوار تي پنجن سالن لاءِ استاد مقرر ٿيو، تمام گهڻي جذبي سان پڙهائڻ سبب سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو. هن جاميٽري ۽ الجبرا تي تحقيق ڪري تمام سٺا مضمون لکيا، جن تي کيس الهه آباد يونيورسٽي طرفان سونو ٻلو عطا ڪيو ويو. هي پهريون مسلمان هو جنهن ’ڊپلومه ان سائنس‘ جو امتحان پاس ڪيو.
1901ع ۾ هو سرڪاري خرچ تي برطانيه پڙهڻ ويو جتي هن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ميٿميٽڪ ۾ آنرز جي ڊگري حاصل ڪئي. هن جون ڪاوشون ڏسي کيس رايل ايسٽرونوميڪل سوسائٽي ۽ لنڊن ميٿيميٽيڪل سوسائٽي جو فيلو مقرر ڪيو ويو. هن 1904ع ۾ جرمنيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. انهي دوران هن جرمني ۽ الاظهر يونيورسٽيءَ مان وڌيڪ تعليم به حاصل ڪئي. 1907ع ۾ هو هندوستان موٽي اچي علي ڳڙهه سٿ ۾ شامل ٿي ويو. 1911ع ۾ کيس علي ڳڙهه محمدن يونيورسٽيءَ فائونڊيشن ۽ ڪانسٽيٽيونس ڪمپنين جو سيڪريٽري بڻايو ويو. ساڳي وقت کيس محمدن ڪاليج ۾ ميٿميٽڪ جو پروفيسر به مقرر ڪيو ويو. 1918ع ۾ ساڳي ڪاليج جو پرنسپل ٿيو. ساڳي وقت ۾ رورڪي انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن کي به پڙهائيندو هو. هن اتي ڪيترائي سٺا شاگرد پيدا ڪيا جن ۾ مشهور شاعر حسرت موهاني به هڪ هو.
1913ع تائين هندستان ۾ صرف 5 يونيورسٽيون قائم هيون ۽ ڪاليج يونيورسٽي جي قانون کان ٻاهر هئا. ان لاءِ لنڊن يونيورسٽيءَ رائل ڪميشن جوڙي جنهن جو مطلب هو ته يونيورسٽيون هڪ ٻئي سان تعلق ۾ اچن. 1917ع ۾ ڪلڪتي واري يونيورسٽي اهڙي ڪميشن جوڙي جنهن تي ٻين ناميارن عالمن کانسواءِ ضياءُ الدين به ڪميشن جو ميمبر ٿيو. 1911ع ۾ هڪ سينٽرل ڪاميٽي جوڙي وئي ته جيئن محمدن ڪاليج کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو وڃي. هن ڪاميٽيءَ جو صدر راجا محمود آباد هو، جڏهن ته سر ضياءُ الدين جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. هن ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ لاءِ سڄي هندستان مان 30 لکن جو چندو گڏ ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ نهرو ميڊيڪل ڪاليج وجود ۾ آيو. سڀ کان پهريان هي علي ڳڙهه محمدن يونيورسٽيءَ جو پرو- وائيس چانسلر ۽ پوءِ 1936ع کان 1946ع تائين يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. جڏهن 20 مارچ 1943ع تي پيرپاڳاري صبغت الله کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو ته سر ضياءُ الدين پير صاحب پاڳاري جي پٽ شاهه مردان شاهه ۽ سندس ڀاءُ کي پاڻ سان علي ڳڙهه وٺي ويو. ان وقت پير صاحب شاهه مردان شاهه جي عمر 15 سال هئي کيس انگلش هائوس جتي هندستان جي نوابن جا پٽ رهندا هئا، اتي رهايو ۽ پوءِ 1946ع ۾ پير صاحب کي تعليم لاءِ لنڊن موڪليو.
هن خلافت تحريڪ ۾ به حصو ورتو. جڏهن ڊاڪٽر ضياءُ الدين علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ته هن نه رڳو علي ڳڙهه يونيورستيءَ ۾ سائنس جو شعبو کوليو پر هن طبيه ڪاليج لاءِ عمارت ٺاهڻ جو شاندار پلان به ٺاهيو. اها عمارت 1940ع ۾ مڪمل ٿي. هن 1937ع ۾ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي لاءِ ڪوششون ڪيون. جنهن لاءِ جهونا ڳڙهه جي نواب مزمل الله خان نه صرف عمارت ڏني پر ٻه پراڻيون ڪارون به ڏنيون ته جيئن داخلاه وٺندڙ شاگرد انهن ڪارن تي تجربا ڪن. ساڳي سال هن گرلز انٽرميڊيئيٽ ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏياريو جتي ڪيترائي نوان شعبا کولرايائين. وائيس چانسلر طور سندس مدو 30 اپريل 1938ع تي پورو ٿيو سندس جاءِ تي وفاق مان هڪ جج کي وائيس چانسلر طور رکيو ويو، جنهن 13 مارچ 1941ع تي وفات ڪئي ته کيس ٻيهر علي ڳڙهه يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. هن علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ لڳ ايئرپورٽ ٺهرايو.
1915ع کان وٺي هي تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو. جنهن ڪري کيس ميمبر آف ليجسليٽو ڪاميٽيءَ (M.L.A) ميمبر چونڊيو ويو جيڪو هو 1947ع تائين رهيو. هن اسيمبلي ۾ ’فارن ريليشنس ايڪٽ‘ کانسواءِ ’انڊين ريلوي‘ جي بجيٽ ٺاهڻ ۾ به بهرو ورتو.
ڊاڪٽر ضياءَ آزاد پارٽي جو ميمبر هو. جنهن ۾ هندو، مسلمان ۽ سک شامل هئا، ان پارٽي جي ٽٽڻ کانپوءِ هي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ اتي پارلياماني سيڪريٽري جا فرض سر انجام ڏيڻ لڳو.
1947ع ۾ هي انگلينڊ ۽ آمريڪا هليو ويو ۽ اتي بيمار ٿي پيو. 22 ڊسمبر 1947ع تي وفات ڪري ويو. سندس مڙهه علي ڳڙهه يونيورسٽي جي احاطي اندر پوريو ويو. کيس هڪ پٽ ذڪاءُ الدين ٿيو جنهن کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون جن مان هڪ پوٽي ڊاڪٽر عاصم حسين سندس ياد ۾ ڪراچيءَ ۾ ضياءُ الدين اسپتال ۽ يونيورسٽي قائم ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1887.02.13  عيسوي

ضياءُ الدين احمد زبيري 13 فيبروري 1887ع ميرٽ اتر پرديش هندوستان ۾ ڄائو.


1947.12.22  عيسوي

ضياءُ الدين احمد زبيري 22 ڊسمبر 1947ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

توتان خان نوحاڻي بلوچ
احمد شهيد بريلوي
ٻلديو گاجرا
جمعو خان غريب
سومر عطار
حاجي شفيع محمد مسجدي
پير غلام مجدد سرهندي مولانا
ساڌنا شوداساڻي
عبن فقير پلي دهلڙي وارو
الطاف شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون